اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نئين چونڊيل وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا جي شرڪت ڪندڙن سان ??الهه ٻولهه ۾ نئين چونڊيل حڪومت جو روڊ ميپ واضح ڪيو. وزيراعظم نئين چونڊيل ڪابينا ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين شين جي قيمتن جي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا صوبائي حڪومتن سان ??ڏجي کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين شين جي قيمتن جي سخت نگراني ڪندي. هن چيو ته ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرضروري اضافي ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ا?? حوالي سان ??نهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا واپار و??ري وزارت جي سفارش تي ڪيلي ۽ بصر جي برآمد تي 15 اپريل 2024ع تائين پابندي هڻڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. اها پابندي رمضان المبارڪ جي م??يني دوران ??يلي ۽ بصر جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هنئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي نيدرلينڊ جي شهري محمد اورنگزيب جي پاڪستاني شهريت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سفارش تي م??جر جنرل عبدالمعيد هلال امتياز ملٽري جي بطور ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس مقرر جي م??ظوري ڏئي ڇڏي.