اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن ۽ ٻارن جي سزائن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي خصوصي ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سزا ۾ ڇوٽ 2 سال يا ان کان گهٽ عرصي ج?? لاءِ سزا يافته عورتن ۽ ٻارن ت?? لاڳو هوندي، ڇوٽ سزا مڪمل ٿيڻ ۾ 2 سال کان گ??ٽ جو عرصو رهجي ويندڙ عورتن ۽ ٻارن تي پڻ لاڳو هوندي. بيان موجب سزا ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين، اغوا، چوري، ڦر جي ڏوهارين ت?? لاڳو نه ٿيندي، گهٽتائي زنا آرڊيننس، دهشتگردي جي خاتمي، غيرملڪي ماڻهن ۽ نشي آور مواد جي ڪنٽرول ايڪٽ ??حت سزا يافته ڏوهارين ت?? لاڳو نه هوندي. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ۽ رولز آف بزنس ??حت ڏني آهي.