مظفر آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران آزاد ڪش??ير ۾ برساتن ۽ برفباري جي متاثرين کي 13 مارچ تائين معاوضو ادا ڪيو ويندو، متاثرين کي پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، پاڪستان کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي اتحاد ۽ يڪجهتي سان اڳتي وڌڻو پوندو، وقت اچي ويو آهي ته معيشت جي حوالي سان وڏا فيصلا ڪيا وڃن جيڪي اشرافيه جي لاءِ بيشڪ سخت آهن پر ان جو فائدو عام ماڻهو کي پهچي. هن اها ڳالهه آزاد ڪش??ير ۾ برساتن ۽ برفباري جي متاثري?? سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف برساتن ۽ برفباري ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي ۾ امدادي چيڪ ورهايا. ان کان اڳ آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق پاران وزيراعظم شهباز شريف کي تازين برسات?? سان آزاد ڪش??ير ۾ ٿيندڙ نقصانن تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته برفباري سان آزاد ڪش??ير ۾ 8 ماڻهو فوت ٿيا، 88 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا جڏهن ته 281 گهرن ۽ 26 دڪانن کي جزوي نقصان پهتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قدرتي آفتن ۽ برسات?? سان جاني نقصان جو ازالو انساني وس ۾ نه آهي اهو سڀ ال??ه جي رضا آهي، اسان فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، آئون انهن جي خاندان?? سان پوري قوم ۽ وفاقي حڪومت پاران تعزيت جو اظهار ۽ افسوس ڪرڻ آيو آهيان. هن چيو ته مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ اسان متاثري?? سان گڏ بيٺل آهيون. هن آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم جي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته ا?? سان گڏجي متاثرين کي پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته فوت ٿيندڙن جي پونئيرن ۾ وفاقي حڪومت پاران 20 لک رپيا في ڪس جا امدادي چيڪ ورهايا آهن، جيتوڻيڪ انساني جان جي ڪا قيمت نه آهي، جڏهن ته حڪومت جي ذميواري آهي ته فوت ٿيندڙن جي تيم ٻارن جي ڪفالت ڪري ۽ اها متاثري?? سان گڏ بيهي ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪري. وزيراعظم چيو ته زخمين کي 5 لک رپين جي امداد ڏني ويندي. مڪمل تباهه ٿيل ??هرن تي وفاق پاران 7 لک رپيا ۽ جزوي نقصان تي ساڍا ٽي لک رپيا في ڪس ڏنا ويندا، ان جي ورڇ هڪ منصفاڻي نظام تحت ٿيندي. اميد آهي ته آزاد ڪش??ير جي حڪومت جو عملو موقعي تي وڃي جائزو وٺندو. اين ڊي ايم اي آزاد ڪش??ير جي حڪومت سان گڏجي يقيني بڻائيندو ته ڪنهن مستحق جو حق نه ماريو وڃي، ا?? سان گڏ متاثرين جي لاءِ آزاد ڪش??ير جي حڪومت پنهنجي طور تي به امداد ڪري سگهي ٿي. شهباز شريف چيو ته 13 مارچ تائين متاثرين جي لاءِ اها امداد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته آزاد ڪش??ير هڪ جابلو ۽ ڏکئي علائقي تي ٻڌل خوبصورت علائقو آهي. آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم برفباري ۽ برساتن ۾ متاثرين جي فوري امداد جي لاءِ هيلي ڪاپٽر جو جائز مطالبو ڪيو آهي. ان جي لاءِ اين ڊي ايم اي فوري طور تي هيلي ڪاپٽر فراهم ڪندو. هن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو جلد اهو هيلي ڪاپٽر خريد ڪري جيڪو رڳو انهن علائقن جي لاءِ مخصوص هوندو. شهباز شريف چيو ته ڪش??ير پاڪستان جي شهه رڳ آهي اهو ئي قائداعظم جو فرمان آهي، ڪش??ير جا ماڻهو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، پنهنجي ڪش??يري ڀائرن کي يقين ڏياريون ٿا ته جيڪي اعلان ڪيا آهن انهن جي مقرر تاريخ تي تڪميل ٿيندي ته جيئن پنهنجي گهرن جي تعمير ڪري سگهن. هن چيو ته آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم سان ترقياتي ڪمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، انهن جي لاءِ جدا انفراسٽرڪچر جي لاءِ تمام گهڻو وقت گهربل آهي، ان جي لاءِ متبادل نظام جي لاءِ صوبائي حڪومت?? سانگ ڏجي حڪمت عملي جوڙينداسين. انهن ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم جي لاءِ مسجدن ي پڻ مرڪز بڻائي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ روڊ انفراسٽرڪچر جيڪڏهن فعال نه هوندو ته چرپر، واپار ۽ ڪاروبار ۾ اضافو نه ٿي سگهندو، ان جي لاءِ سرمايو گهربل آهي. معاشي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هن وقت پاڪستان جي اوڳاڙين جي مد ۾ آمدني جو ڪاٿو هلندڙ مالي سال 12 کرب رپيا آهي. وڏي مقدار ۾ ٽيڪس چوري جي ڪري اوڳاڙين جي پوري رقم قومي خزاني ۾ نه ٿي اچي. هن چيو ته رڳو پي آءِ اي جو نقصان 825 ارب رپيا آهي، هر سال سرڪاري ادارا ڪيترائي سئو ارب رپين جو نقصان ڪن ٿا، 5 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي بجلي چوري ٿئي ٿي، اها بجلي چوري عام ماڻهو نه ٿو ڪري اهو مشڪل سان پنهنجو بل ادا ڪري ٿو. اهڙي پاڪستان جو خواب اسان جي وڏن نه سوچيو هو. درپيش معاشي مسئل?? سان گڏوگڏ هڪ مافيا پاڪستان جي معاشي پاڙن کي 76 سالن کان ڪا??ي رهي آهي، جيڪڏهن اسان وٽ وسيلا نه هوندا ته اسڪول، اسپتالون ڪيئن ٺهنديُون، قدرتي آفتن کي ڪيئن منهن ڏينداسين، پنهنجي نوجوانن کي جديد تعليم جي زيور سان ليس ڪيئن ڪنداسين، انهن جي لاءِ نوڪرين جي لاءِ موقعا ڪيئن فراهم ڪنداسين، قوم کي اڄ اهي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته معيشت جي حوالي سان وڏا فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهي فيصلا اشرافيه جي لاءِ سخت هوندا پر ان جو فائدو عام ماڻهو کي پهچندو. ڪروڙين ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار جا موقعا ملندا ته جيئن نوجوان آءِ ٽي جا ايڪسپرٽ بڻجن ۽ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ روزگار ڪمائي سگهن، پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن، دنيا ۾ زندهه رهڻ جو اهو ئي رستو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ تباهه حال قومن پنهنجي شڪست کي محنت ۾ بدلائي ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان کي زرخيز زمي?? سان نوازيو، معدنيات جي دولت ڏني، نار ملڪ ترقي ويزن ۽ محنت جو ثمر هو، اسان کي به محنت ڪرڻي آهي، نفرت بدران محبت کي وڌائڻو آهي، اسان ذاتيات کان مٿانهون ۽ پسند ۽ ناپسند کي دفن ڪري پاڪستان جي عظيم تر مفاد جي لاءِ گڏ ٿيون ته يقين ڪريو 76 سالن جي نقصان جو نه رڳو ازالو ڪري سگهون ٿا پر ايندڙ سالن ۾ پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺندو. دنيا عمل سان بدلجندي، اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي مسئلن ۽ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته جڏهن کان حلف کنيو آهي روزانو ملڪ جي معاشي صورتحال جي جائزي جي لاءِ لاڳاپيل ??ري?? سان گڏجي ويهان ٿو. وقت اچي ويو آهي ته اسان وچن ڪريون ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان ٺاهيندڙن جي روحن کي سڪون پهچائڻو آهي ۽ پاڪستان کي قرضن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، دنيا ۾ ڪا شيءَ ناممڪن نه آهي. آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم ڪش??يري عوام سان يڪجهتي جي اظهار تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سدائين ڪش??ير جي عوام سان گڏ بيٺل رهيا. هن وزيراعظم کي ريسڪيو 1122 جي لاءِ هيلي ڪاپٽر جي فراهمي جي گذارش ڪئي ته جيئن برفباري يا رستن جي بندش جي صورتحال ۾ قيمتي جانين کي بچائي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم جي اچڻ ۽ يڪجهتي سان متاثرين ۽ آزاد ڪش??ير جي حڪومت جي حوصلا افزائي ٿي آهي جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪرائي وئي. اين ڊي ايم اي جو چيئرمين جنرل انعام، قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، مسلم ليگ (ن) آزاد ڪش??ير جو صدر شاهه غلام قادر، قومي اسيمبلي ميمبر عطاءُ الله تارڙ، چيف سيڪريٽري، آءِ جي، آزاد ڪش??ير ڪابينا جا ميمبر ۽ برساتن ۽ برفباري کان متاثر ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو.