اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ 5 سالن ۾ ٽيڪس کي جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين، سرڪ??ري ملڪيت جا ادارا خاص طور تي خس??ري جو شڪار ادارن ج?? سڌارن ۽ نجڪ??ري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، ٻاهرئين قرضن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ هڪ ٺوس پلان ج??ڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اقتصادي شعبي جي سڌارن تي اعليٰ سطحي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احسن اقبال، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ج??انزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اوڳاڙين، مالي خساري، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي اوڳاڙين، سبسڊيز، بجلي جي شعبي جي سڌارن سان گڏوگڏ وزيراعظم جي حڪومتي خرچن گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان هدايتن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته عامماڻهو تي بار وجهڻ کانسواءِ اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس پلان ج??ڙي پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاق صوبن کي مضبوط ڪري 18 هين ترميم جون سموري??ن لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا صوبن ج?? حوالي ڪندو، مالي خس??ري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، ملڪ جي سمورن وڏن ايئرپورٽس تي سروسز جي بهتري جي لاءِ نجي آپريٽرز سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته سرڪ??ري قرض ۾ ترتيبوار گهٽتائي، پينشن ۽ سبسڊي سڌارن، سرڪ??ري ملڪيتي ادارن ج?? سڌارن ۽ نجڪ??ري تي حڪومت جو ڀرپور ڌيان آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ پروگرام جي تڪميل خوش آئنده آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان ايندڙ پروگرام جي لاءِ پڻ ڀرپور محنت ڪندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اقتصادي شعبي جي ترقي جي لاءِ عالمي شهريت يافته ماهرن ج??ن خدمتون ورتيون وينديون.