ايبٽ آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف ايبٽ آباد ۾ شهيد ڪسٽمز انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ شهيد جي ??الد ۽ ٻارن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ ا??له تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي، ايف بي آر چيئرمين ملڪ ام??د زبير ٽوانه پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم شهيد جي ڌيءَ ۽ پٽ کي پيار ڪيو ۽ ا??هن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي ??الد کي گلي لڳائي حوصلو ۽ دلاسو ڏنو ۽ شهيد پئڪيج تحت شهيد جي بيواهه ۽ ٻارن جي ??اءِ ام??ادي چيڪ کيس پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اها ام??ادي رقم توهان جي شهيد پٽ جي عظيم قرباني جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي پر شهيد جي بيواهه ۽ ٻارن جي ??اءِ حڪومت جيڪو ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، ڪندي، ا??هن جي تعليم ۽ علاج جا خرچ پڻ حڪومت برداشت ڪندي.