بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه سومر ڏينهن ??ين جي دوري جي موقعي تي بيجنگ ۾ گي??وبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. گي??وبا گروپ انرجي چائنا جو ذيلي ادارو آهي جيڪو پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪندڙ چين جي ناليواري ڪمپن?? آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم شانگلا ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيئرمين سان تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا هئا. هن ان ڪڌي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آ??ڻ ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ گي??وبا گروپ جي تعاون جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي قابل تجديد ۽ هائيڊل سيڪٽر ۾ پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ گي??وبا گروپ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن ??يو ته سي پيڪ جي فيز 2 تحت پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي فراخدلي سان مراعتن جي آڇ ڪئ?? آهي جنهن ??ي گي??وبا گروپ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري مقصدن کي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. گي??وبا گروپ جي چيئرمين پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت کي يقين?? بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪندي ۽ تعاون جي نئين شعبن ۾ آپريشنز کي وڌيڪ سگهه ڏيندي.