اسلام آ??اد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي گڏيل ڪوششن سان ??زا?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ ختم ٿي وئي آهي، وفاقي حڪومت ??زا?? ڪشمير جي ڀينرن ڀائرن جي لاءِ 23 ارب رپين جي امدادي رقم جو اعلان ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهو اهو سوچي آيا هئا ته احتجاجي تحريڪ جي آڙ ۾ امن امان کي تباهه ۽ معاملن کي خراب ڪرڻو آهي، انساني جانين جي زيان جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، عوام جي مسئلن کي گڏجي ويهي حل ڪر?? جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آ??اد ڪشمير جي معاملي تي ڪالهه سمورين اتحادي پارٽين سميت اسان سڀني اجلاس ڪيو، ڊگهي مشاورت کانپوءِ فوري فيصلا ڪيا ويا، ??زا?? ڪشمير ۾ جيڪا هڪ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي هئي انهن جا مطالبا به اسان ٻڌا ۽ 23 ارب رپين جي وڏي رقم جو ??زا?? ڪشمير جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته آ??اد ڪشمير جي عوام سان مل?? جي لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ مظفرآ??اد ويندس، گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ احتجاجي تحريڪ اڄ ختم ٿي وئي آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ مالي نقصان به ٿيو، انساني جانين جي زيان جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، انهن واقعن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، ڪجهه شهري به شهيد ۽ ڪجهه پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار زخمي ٿيا. وزيراعظم چيو ته قائداعظم جي فرمان موجب ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، اتي امن امان قائم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ??زا?? ڪشمير جي وزيراعظم سان من??نجي ڳالهه ٿي، اسان کي عوامي نمائندن جي حيثيت سان عوام جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ گهرجي، عوام جي مسئلن کي گڏجي ويهي طئي ڪر?? جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته آ??اد ڪشمير جي حڪومت تمام گهڻو تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهو اهو سوچي آيا هئا ته احتجاجي تحريڪ جي آڙ ۾ امن امان کي تباهه ۽ معاملن کي خراب ڪرڻو آهي، احتجاج دوران انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، اڄ اها تحريڪ ختم ٿي وئي آهي، صدر آصف علي زرداري، ??زا?? ڪشمير ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سميت سمورن اڳواڻن جي تعاون تي ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته آ??اد ڪشمير وڃي معاملن کي پاڻ سمجه?? جي ڪوشش ڪندس ۽ انشاءَ الله انهي جذبي کي فروغ ڏينداسين ته جيئن ملڪ ۾ امن قائم ٿئي ۽ پاڪستان تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي. ان موقعي تي ??زا?? ڪشمير ۾ فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.