اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميرين جي ??تح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ??يش??ا ۾ پائيدار امن گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ??راردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي. هن اها ڳالهه ورلڊ ڪشمير اويئرنيس فورم جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر غلام نبي فائي جي قيادت ۾ سمنڊ پار ڪشميري ڪارڪنن جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خراب حالت بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪشميري ڪارڪنن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان هر موقعي تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀين??ن جي حمايت ۾ آواز اٿاريو. هن چيو ته مون پنهنجي 2022ع جي گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ ٻين فورمز جي اجلاسن جي موقعي تي خطابن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، ان کانسواءِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ پڻ ڪشمير ڪاز کي ڀرپور اجاگر ڪيو. وزيراعظم ڪشميرين جي ??تح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڏکڻ ??يش??ا ۾ پائيدار امن گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ??راردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي. وفد ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن وزيراعظم سان خطي جي تازه ترين اڳڀرائي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ وزيراعظم کي دنيا جي مختلف حصن ۾ ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو.