اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صوبائي حڪومتن کي بج??ي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ ۽ بج??ي چورن کي سخت سزائون ڏيڻ، اوور بلنگ جي خاتمي ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ صارفين جي س??ول?? لاءِ موثر ۽ متحرڪ نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وڌندڙ گرمي جي ڏس ۾ ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. هن اها هدايت بجلي جي لوڊشيڊنگ، بج??ي چوري جي روڪٿام ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وار?? وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وار?? وفاقي وزير سردار اويس لغاري، پيٽروليم وار?? وفاقي وزير داڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضال ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سطح تي بجلي جي طلب ۽ پهچ ۽ لوڊشيڊنگ جي رجحانن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي جي عدم فراهمي بابت شڪايتن جي وقت سر داخلا جي لاءِ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ صارفين جي س??ول?? لاءِ موثر ۽ متحرڪ نظام قائم ڪيو وڃي، وڌندڙ گرمي جي ڏس ۾ ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي، نئين ٽرانسفارمرز جي خريداري صرف عالمي معيار جي خصوصيتن موجب ٿئي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو جديد نظام مان فائدو کنيو وڃي، صوبائي حڪومتون بج??ي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏين ۽ بج??ي چورن کي قرار واقعي سزائون ڏنيون وڃن، اوور بلنگ جو خاتمو ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اوور بلنگ جي ڏس ۾ پهرين اپريل کان 30 مئي تائين 134 ڪيس داخل ۽ 90 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي نئين سر تنظيم سازي جي عمل ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ ايندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ 124611 ٽرانسفارمرز جي ميٽرنگ جو منصوبو پڻ شامل ڪيو ويو آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان آئيسڪو جا هڪ ڀاڱي ٽي صارفين سمارٽ ميٽرز تي منتقل ڪيا پيا وڃن، بعد ۾ ان منصوبي جو دائرو ملڪ جي ٻين علائقن تائين وڌايو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بهتر ريڪوري وارا علائقا لوڊشيڊنگ فري جڏهن ته بجلي کاتن جي رهتن ۽ بج??ي چوري جي علائقن ۾ رڳو جزوي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بج??ي چوري جي خاتمي جي مهم جي هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن جي تعاون سان بج??ي چوري جي خاتمي واري مهم ڪاميابي سان جاري آهي، بج??ي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ 9 سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين 160004 ايف آءِ آر داخل، 97885 ماڻهو گرفتار ۽ 448 ملازم معطل ڪيا ويا آهن.