اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ سمال مي??يم انٽر پرائيز ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايم ايز جي ترقي ۽ س??ولتن لاءِ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سمال مي??يم انٽر پرائيزز معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم ايس ايم ايز جي رجسٽريشن ۽ س??ولتڪاري کي منظم ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس جي پڌرائي مطابق ايس ايم ايز لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٽيڪسن کي هم آهنگ ۽ هڪجهڙو ڪر?? جو فيصلو ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ڪاروبار ڪر?? جي لاڳت جو ڪم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪاروبار شروع ڪر?? لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ادارن کي ڪريڊٽ جي سهولت ڏيڻ، انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ ايس ايم ايز جي لاءِ زمين رکڻ، مختلف اسڪيمن ذريعي عورتن جي انٽر پرينيورشپ کي ترقي ڏيڻ ۽ 5 بلين جي رقم سان سمال مي??يم انٽر پرائيز فنڊ قائم ڪر?? جو فيصلو ڪيو ويو.