سرينگر-28 جولاءِ (اي پ?? پي) ڪشميري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير طور ملهائيندا جنهن جو مقصد نريندر مودي جي قيادت هيٺ ڀارتي حڪومت طرفان 2019ع ۾ ان ڏينهن والاريل ??مون ڪشمير جي حوالي سان ڪيل غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل ??ماعتي حريت ڪانفرنس ان ڏينهن والاريل ??مون ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ??مون ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو هو. يوم استحصال ڪشمير ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي تسليم نٿا ڪن. ڪل ??ماعي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته نئين دهلي ۾ بي جي پ?? / آر ايس ايس جي ڳٺجوڙ ڪشميرين جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حقن کي غصب ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير نيشنل فرنٽ پارٽي جي نظ??بند چيئرمين نعيم احمد خان جي صبر واستقامت کي ساراهيو آهي جنهن ڀارت جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرقانوني نظ??بندي جا 7 سال مڪمل ڪيا آهن. پارٽي هن جي نظ??بندي کي بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي.