اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن تهران جو دورو ڪيو ۽ ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته نائب وزيراعظم تهران جي دوري دوران ايران جي نئين صدر کي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ترجمان ??يو ته محمد اسحاق ڊار ايران جي نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪباد ڏني. ترجمان ??يو ته نائب وزيراعظم نئين ايراني انتظاميا ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي حمايت ۽ ي??جهتي جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان ??يو ته ڊاڪٽر پيز شڪيان مبارڪباد واري پيغام کي ساراهيندي ??يو ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان ايران پاڪستان سان سٺي لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي.