اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) ??رط??نيه جو اميگريشن سسٽم ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي ۽ فزيڪل دستاويزن کي ??ن لائن اميگريشن اسٽيٽس سان بدلايو ويندو، بايوميٽرڪ رهائشي اجازت نامي، پاسپورٽ تي اسٽيڪرز ۽ ڪجهه ٻين دستاويزن جي هاڻي وڌيڪ ضرورت نه هوندي. ڪالهه ??رط??نوي سفارتخاني مان جاري بيان موجب جيڪڏهن اوهان کي ڪم ڪرڻ يا پڙهائي لاءِ ??رط??نيه ۾ 6 مهينن کان وڌيڪ رهڻ لاءِ ويزا ڏني وڃي ٿي ته هاڻي اوهان کي پنهنجي اي ويزا تائين پهچ لاءِ UKVI آن لائن اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت هوندي. اڪائونٽ اوهان جي اميگريشن جي حيثيت جي آن لائن رڪارڊ طور ڪم ڪري ٿو. انهن ماڻهن لاءِ جن کي ??رط??نيه ۾ 6 مهينن کان گهٽ رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، مثال طور سياح جي حيثيت سان اوهان کي UKVI اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت ناهي. پاڪستان ۾ ??رط??نيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ چيو آهي ته اسان پاڪستانين لاءِ ??رط??نيه جو سفر آسان بڻائڻ لاءِ مسلسل نواڻ اختيار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جو اهو نئون استعمال ويزا جي عمل جي هڪ اهم حصي کي ه??وار ڪندو. ان کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندو ۽ ڪاغذي دستاويزن تي ڀاڙڻ گهٽ ڪندو. بيان موجب اهو عمل مفت، محفوظ ۽ آسان آهي. ??رط??نيه ڏانهن ويندڙ خواهشمندڙ ويب سائيٽ gov.uk/eVisa تي اڪائونٽ ٺاهڻ جي طريقي سميت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. اوهان کي ??ن وقت تائين ??رط??نيه جو سفر نه ڪرڻ گهرجي جيستائين اوهان کي پنهنجو پاسپورٽ ۽ ??رط??نيه جا صحيح ويزا ايپليڪيشن سينٽر کان واپس نه ملي وڃي، اي ويزا ۾ ڪنهن فزيڪل دستاويز کي ??پ ڊيٽ ڪرڻ سان اوهان جي اميگريشن جي حيثيت يا ??رط??نيه ۾ داخل ٿيڻ يا رهڻ جي اوهان جي اجازت جي شرطن تي ڪو به اثر نٿو پوي. بيان موجب ??رط??نيه پهچڻ تي اوهان کي هاڻي به بي آر پي جمع ڪرائڻ جي ضرورت هوندي، سمورا بي آر پي ڪارڊ 31 ڊسمبر 2024ع تائين ڪارآمد آهن پر بي آر پي ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ سان اوهان جي اميگريشن جي حيثيت متاثر نٿي ٿي، اوهان پنهنجو UKVI اڪائونٽ ٺاهڻ ۽ پنهنجي اي ويزا تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو بي آر پي ڪارڊ استعمال ڪري سگهو ٿا.