لاهور-21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي عالمي مسئلن، امن کي هٿي وٺرائڻ، ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان معاملن کي اجاگر ڪيو ويندو، دنيا آڏو پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪندس ۽ مختلف معاملن تي پاڪستان جي موقف ۽ مفادن جي ترجماني ڪن??س. ??زيراعظم محمد شهباز شريف روانگي جي موقعي تي ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي جي 79 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمانئدگي لاءِ نيويارڪ روانو ٿي رهيو آهيان، نيويارڪ ۾ انتهائي مصروف وق?? گذرندو. وزيراعظم چيو ته اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن ۾ عالمي مسئلن، امن کي هٿي وٺرائڻ، ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان معاملن کي اجاگر ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي جي پليٽ فارم تان دنيا آڏو پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪندس ۽ مختلف معاملن تي پاڪستان جي موقف ۽ مفادن جي ترجماني ڪن??س. ??زيراعظم وڌيڪ چيو ته عالمي حصيداري کي مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کان به دنيا کي آگاهه ڪيو ويندو.