اسلا?? آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز ال??الح جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جو سعودي وفد 9 کان 11 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته وفد ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن جا نمائندا شامل هوندا. هن چيو ته سعودي وفد جي صدر ۽ وزيراعظ?? سان ملاقات طئي آهي، ان دوري جو مقصد ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي حصيداري کي مثبت تحرڪ ڏيڻ آهي. تر??ما?? چيو ته هي دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان جي وچ ۾ اپ??يل 2024ع ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ طئي ٿيندڙ مفاهمت کانپوءِ ٿي رهيو آهي.