اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو آهي ته 5 آءِ پي پيز سان ٿيندڙ معاهدا انهن جي گڏيل رضامندي سان ختم ڪيا ويا آهن، ان??ن آءِ پي پيز قومي مفاد کي ذاتي مفاد تي مٿانهون رکيو، ان سان 411 ارب رپين جي بچت ٿيندي، معيشت جي بهتري لاءِ تيزي سان قدم کنيا پيا وڃن، اسان جي معيشت مسلسل استحڪام طرف گامزن آهي، پرڏيهي ناڻي ۾ ر??ارڊ اضافو ٿيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو ته الله جو شڪر آهي ته ملڪي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، گذريل ڏينهن هڪ ٻي خوش?? جي خبر آئي ته اسان جو ٽه ماهي پرڏيهي ناڻو 8 ارب 80 ڪروڙ ڊالر کان ٽپي ويو آهي، جيڪو ماض?? جي سڀني ٽه ماهي پرڏيهي ناڻ?? جي ذخيرن جي ڀيٽ ۾ هڪ رڪارڊ آهي، ان جي لاءِ عظيم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪي ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجي حلال رزق ڪمائي موڪلين ٿا، اهو ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته پاڪستان جي معيشت هاڻي اڳتي وڌي رهي آهي. ان حوالي سان اڃا وڌيڪ سفر طئي ڪرڻو آهي جنهن ۾ ماضي وانگر چئلينجز به ايندا جڏهن ته جهڙي طرح 7 مهينن ۾ چئلينجز جو هڪ ٽيم جي طور تي مقابلو ڪيو ۽ الله تعاليٰ اسان جي محنت ۽ خلوص جو صلو ڏنو، اهڙي طرح اڳتي به گڏيل ڪوششن سان انهن چئلينجز تي ضابطو آڻينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي عام ماڻهو مهانگائي، مهانگي پاليسي وياج جي شرح، کاڌي پيت?? جي شين جي قيمتن ۾ اضافي سميت بي پناهه مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، پاڪستان جي عوام تحمل ۽ صبر سان اهي مشڪلاتون ڪٽيُون، اڃا به ائين نه آهي ته اهي مشڪلاتون مڪمل ختم ٿي ويون هجن پر انهن ۾ آهستي آهستي بهتري اچي رهي آهي، قوم جيڪي قربانيون ڏنيون آهن ان تي اسان سڀ انهن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته گرم?? جي موسم ۾ 50 ارب رپين سان 200 يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي ريليف ڏنو، پنجاب حڪومت به ٻن مهينن جي لاءِ بجل?? جي بلز ۾ 50 ارب رپين کان وڌيڪ جو ريليف ڏنو، هي اهي قدم آهن جن سان اهو اشارو ملي ٿو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عوام کي درپيش مسئلن کان نه رڳو پوري طرح آگاهه آهن پر انهن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ به ضروري قدم کڻي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کانسواءِ چوان ٿو ته ماضي ۾ هڪ سنگدل حڪمران آيو جنهن اهو چيو ته مهانگائي سان سندس ڪو واسطو نه آهي، جيتوڻيڪ موجوده حڪومت عوام جي نمائنده حڪومت آهي ۽ اسان کي عوام کي درپيش مسئلن جو پُورو پتو آهي ۽ اسان گڏجي انهن مسئلن جي حل لاءِ جيڪو ممڪن ٿيو اهو ڪري رهيا آهيون، مهانگائ?? جي شرح 32 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 6.7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، اسان جي قوم سان اها ڪمٽمنٽ 2026ع تائين هئي پر الله تعاليٰ جي خصوصي فضل ۽ ڪرم سان اهو ممڪن ٿيو ۽ اڄ مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي، اسان عارضي قدمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري ريليف قدمن جي لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بجلي چوري کي روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي آءِ پي پيز سان معاهدا وڏا چئلينجز آهن، اهي آءِ پي پيز منافعو ڪمائي چڪا آهن، اهي پنهنجي سيڙپڪار?? جي لاڳت نه رڳو پوري چڪا آهن پر وڏا منافعا به حاصل ڪري چڪا آهن، ان جي لاءِ موجوده حڪومت 7 مهينن ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي، اسان جي قائد نواز شريف بجل?? جي قيمتن ۾ گهٽتائ?? جي لاءِ بار بار اسان کي هدايتون ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته توانائ?? جي پوري ٽيم ۽ ٽاسڪ فورس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. انهن خلوص سان ڏينهن رات محنت ڪئي آهي، ان ۾ ڪيترائي چئلينجز به درپيش رهيا، اهو ڪو آسان ڪم نه آهي. هن چيو ته قوم کي هو خوشخبري ڏيڻ چاهي ٿو ته 5 آءِ پي پيز گڏيل رضامندي ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ ر??ندي اڄ کانپوءِ معاهدا مڪمل ختم ڪري ڇڏيا آهن. انهن کي رهتون جن ۾ وياج شامل نه آه?? جي ادائيگي ڪئي ويندي، ان سان صارفين کي 60 ارب رپيا ساليانو ريليف ملندو. بجل?? جي قيمت گهٽ ٿيندي، آءِ پي پيز جي مالڪن رضاڪاراڻي طور تي ان کي قبول ڪيو آهي، جنهن تي انهن جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. آءِ پي پيز سان معاهدن جي خاتمي سان 411 ارب رپين جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي بهتر قدمن جي مدد ۾ صدر آصف علي زرداري سميت اتحادي پارٽين جا ٿورا مڃُون ٿا، معاشي بهتري ۾ ڪردار تي آرمي چيف جا خصوصي ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات دوران کيس ان حساسيت کان آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن بجلي جون قيمتون خط?? جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هونديون ته هتي صنعت ۽ زراعت ترقي نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي برآمدات وڌي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان جي ٽيم آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير سان گڏ توانائي وارو وفاقي وزير ۽ خصوصي صلاحڪار به ويندا ۽ آءِ ايم ايف کي سڄو ڪيس سمجهائيندا. ناڻي واري وفاقي وزير کي اڳ ۾ ئي آءِ ايم ايف اهم اسپيڪ?? طور گهرائي رهيو آه?? جيڪو اسان جي لاءِ اعزاز آهي. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير جي بي پناهه ڪوششن ۽ چين ۽ سعودي عرب جي تعاون سان آءِ ايم ايف پروگرام تي معاهدو ٿيو. وزيراعظم چيو ته 5 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪرڻ برسات جي پهرين ڦُڙي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.