اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهه اجلا?? جي انتظامن جو جائزو ورتو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس ۾ مهمانن جي استقبال لاءِ ڪيل انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وا??و وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ لاڳاپيل عملدارن وزيراعظم کي انتظامن بابت بريفنگ ڏني.