اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين، انساني ترقي ۽ وسيلن بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان صحت ۽ مهارتن جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار لاءِ چيني وفد ملاقات ڪئي. ڪالهه سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۾ان جاري پريس رليز موجب او پي ايڇ هيلٿ ڪيئر پروجيڪٽ جي سربراهه اسڪارليٽ جي اڳواڻيءَ ۾ چيني وفد گاريا گروپ طرفان هڪ جامع تجويز پيش ڪئي جيڪا بنيادي صحت جي سارسنڀال ۾ ڊجيٽل شين ۽ خدمتن لاءِ مربوط حل فرا??م ڪندڙ هڪ مشهور ادارو آهي. ڄاڻايل پراجيڪٽ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ٻَڌل اسٽريٽجڪ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ذريعي ڏورانهن علائقن ۽ غريب ڪميونٽين کي صحت جي سستي سارسنڀال فرا??م ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن سان علاج جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ صحيح سُڃاڻپ ممڪن ٿيندي. ان پراجيڪٽ جي هڪ قابل ذڪر خاصيت هڪ پورٽيبل سُڃاڻپ واري مشين جو تعارف آهي جيڪو 7 کان 8 قسمن جي بيمارين جي سُڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو جنهن سان چُرپُر جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. ان کان علاوه پراجيڪٽ جو ڊجيٽل پليٽ فارم مريضن، ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽورن وچ ۾ رابطن کي ممڪن بڻائيندو. رپورٽون سڌيءَ ريت پينل تي موجود ڊاڪٽرن سان شيئر ڪيون وينديون ۽ دوائن بابت ميڊيڪل اسٽورن سان شيئر ڪيون وينديون جنهن سان مريضن کي دوائن جي سڌيءَ ريت فراهمي ۾ سهولت ٿيندي. وفد ??رٽ??فڪيشن جي ٽن درجن بابت به آگاهه ڪيو جنهن ۾ هواوي ??رٽ??فائيڊ آءِ سي ٽي ايسوسيئيٽ (ايڇ سي آءِ اي) 2 هفتن جو ڪورس، هواوي ??رٽ??فائيڊ آءِ سي ٽي ??رو??يشنل (ايڇ سي آءِ پي) هڪ مهيني جو ڪور ۽ هواووي ??رٽ??فائيڊ آءِ سي ٽي ايڪسپرٽ (ايڇ سي آءِ اي) 6 مهينن جا ڪورس شامل آهن. وفاقي وزير ان منصوبي کي چين جي تعليم واري وزارت طرفان هڪ اهم سيڙپڪاري طور تي تسليم ڪيو. اها ملاقات او پي ايڇ ۽ صحت واري وزارت وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) ذريعي ڀائيواري کي باضابطه بڻائڻ لاءِ اتفاق راءِ تي پڄاڻي ٿي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهڙيءَ طرح جون ڀائيواريون پاڪستانين جي هنرمندي کي وڌائڻ ۾ ا??م ڪردار ادا ڪن ٿيون، اهڙيءَ طرح عالمي ملازمتن جي مارڪيٽ ۾ ان جي مسابقت ۾ واڌ ٿئي ٿي.