ا??لا?? آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار معاملن جي حل ل??ءِ پيپلزپارٽي ۽ حڪومتي ڪميٽين جي ملاقاتن تي اتفاق ڪيو آهي. پيپلزپارٽي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار زردا??ي هائوس ۾ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي ڀليڪار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ معاملن جي حل ل??ءِ پيپلزپارٽي ۽ حڪومتي ڪميٽين جي ملاقاتن تي اتفاق ڪيو ويو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ بلوچستان جو وڏو وزير ??رفراز بگٽي موجود هئا.