اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ??زه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي سميت غزه جي پٽيءَ ۽ اولهندي ڪناري ۾ امدادي ڪاررواين جي لاءِ قائم گڏيل ??وم?? جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي خلاف پابنديون هٽائڻ جي لاءِ گڏيل ??وم?? جي قرارداد جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فلسطين ۾ دشمني جي فوري خاتمي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي خاتم??، شهرين ۽ شهري بنيادي ڍ??نچي جي تحفظ، فوري ضرورتمندن تائين غيرمحدود انساني همدرديءَ جي پهچ، يو اين آر ڊبليو اي کي مڪمل تعاون ۽ ان ??ي لازمي انساني سرگرمين ۽ فوري ضرورتمندن کي صحت جي سارسنڀال جو مطالبو ڪريون ٿا. ترجمان ??المي برادري تي زور ڀريو ته اها اسرائيل کي ان ??ي جنگي ڏوهن ۽ والاريل علائقن ۾ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده قرار ڏي.