اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ملڪ ۽ قوم جي بي مثال خدمتن تي ??راج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ملڪ، قوم ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪئي، 27 ڊسمبر 2007ع ملڪي تاريخ ۾ هميشه هڪ المناڪ ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه بينظير ڀٽو شهيد جي 17 هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي اس??ام?? دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ پاڪستان جي مخالف ڌر جي پهرين عورت اڳواڻ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل آهي، ه?? ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جرئتمندي سان غير جمهوري قوتن کي منهن ڏنو ۽ قيد جون ڏکيائيون برداشت ڪيون، هن هاري??، مزدورن ۽ پٺ تي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ هر فورم تي ??واز اٿاريو، شهيد محترمه جي شهادت سا?? ملڪ جي سياست ?? پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري جي قيادت ۾ پارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تي هلي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان سڀ گڏجي ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي تي ??مل ڪري ملڪ کي درپيش مسئلن مان ڪڍي سگهجي ٿو.