اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 50 مريضن جا ٽي??ٽ مثبت آيا ۽ 33 م??ڻه?? ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 30 م??ڻه?? اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هزار 378 ٽي??ٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 596، پنجاب ۾ 12 هزار 32، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 831، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 917، بلوچستان ۾ 356 ، گلگت بلتستان ۾ 302، آزاد ڪشمير ۾ 344 ٽي??ٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 24 هزار 834 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 218 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر م??ڻه?? جو تعداد 3 لک 61 هزار 82 آهي.