اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گورننس ايڪشن ميٽرڪس جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي انتظامي معاملن جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته عوام جي رل??ف، شڪايتن جي داخلا کان وٺي حل، کليل ڪچهرين منعقد ڪرڻ، مال کاتي بابت مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل، ون ونڊو آپريشن جو قيام، سرڪاري آفيسن ۾ عوام جي سهولتڪاري ۽ مقامي سطح تي عوام کي رل??ف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن جو عم??ي طور تي نفاذ ٿي چڪو آهي، وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته پنجاب ۾ گورننس جي بهتري کي ??قيني بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عملدرآمد جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ان ۾ تيزي آندي پئي وڃي، وزيراعظم کي ??يب??پختونخوا ۾ به شڪايتن جي وقت سر ازالي، ضم ٿيل ضلعن جي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن، روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن جي ڪڙي نگراني ۽ ان جي نتيجي ۾ صوبي ۾ اٽي جي قيمت ۾ واضح گهٽتائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.