دوشنبي_30 مارچ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته جام?? ڳالهين کانسواءِ افغانستان مس??لي جو ڪو مستقل حل نه آهي،گذريل ڏينهن دوشنبي ۾ نائين هارٽ آف ايشيا اس??نب??ل پراسس اجلا س جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته امن جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کان سڄي دنيا آگاه آهي،اسان مستقبل تي نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته جام?? ڳالهين کانسواءِ افغانستان مس??لي جو حل نه آهي،هن چيو ته پاڪستان هميشه کان اهو چوندو رهيو آهي ته افغانستان مس??لي جو فوجي حل نه آهي ۽ هاڻي اها ڳالهه سڀني کي ذهن نشين ٿي چڪي آهي جيڪا اسان جي وڏي ڪاميابي آهي،پرڏيهي وزير چيو ته مان اهو ڪڏهن به نه چوندس ته ائين ڪرڻ آسان هوندو پر اسان سڀني کي اڳيان وڌڻوپوندو.شاه محمود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي تر?? پرڏيهي وزير سان ملاقات سٺي رهي. اس??نب??ل ڪانفرنس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته اڄ منهنجي افغان صدر ۽ افغان پرڏيهي وزير سان ملاقات طئي آهي. اي پي پي/ ع – ا 12:50