اسلام ??باد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام ??باهه ڪري رهيو آهي، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وز??را??ظم عمران خان چيو ته اڄ ڀارتي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل ڀارت جي هڪطرفي ۽ ??ير??انوني قدم کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن. انهن ٻن سالن ۾ دنيا ڀارتي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارت جي قابض فوج جو ??ير??عمولي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ورتو آهي. دنيا ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تباهه ڪرڻ ۽ آبادي جي تناسب کي طاقت جي ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي پڻ ڏسي رهي آهي. وز??را??ظم چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ آر ايس ايس جي هندتوا نظريي جو تسلسل آهي، اڄ ڀارت پنهنجي جابراڻي قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام ??باهه ڪري رهيو آهي جيڪو سمورن عالمي قانونن ۽ قدرن جي خلاف ورزي آهي. وز??را??ظم چيو ته مون عالمي فورمن تي ڪشميرين جو آواز اٿاريو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس. هن چيو ته پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو ۽ انشاءَ الله ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.