اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين نسل کي منشيات جي لعنت کان محفوظ رکڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن کي منشيات ۽ تماڪ کان پاڪ رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهن کي يونيورسٽين ۾ مفت تعليم ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ وائ??س چانسلرز ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته منشيات ۽ تماڪ جي غلط استعمال جي پاليسي کي صدر جي هدايتن جي روشني ۾ حتمي شڪل ڏني وڃي، ايڇ اي سي 28 جولاءِ 2021ع تي پاليسي جي منظوري ڏني، منشيات جي خاتمي واري وزارت منشيات جي استعمال کي روڪڻ، علاج جي حوالي سان معلومات فراهم ??رڻ لاءِ موبائيل ايپ زندگي تيار ڪئي آهي، خصوصي شاگردن کي ت??ليمي، ٽيڪنيڪي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ 10 سالن تائين جي عمر ۾ نرمي فراهم ڪئي ويندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بل تي ڇوٽ ڏني ويندي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي منشيات ۽ تماڪ جي استعمال کان پاڪ بڻائڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا منشيات کي روڪڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن نوجوانن کي ت??ليم لاءِ روزگار فراهم ڪري سگهجي، تعليمي ادارا قوم جي تقدير جي جوڙجڪ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا آهن، هن چيو ته شاگردن کي منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ??رڻ اڻٽر آهي، هن چيو ته منشيات جي خاتمي ۽ تماڪ پاليسي ۽ خصوصي شاگردن جي ڀلائي وارين پاليسين ??ي جلد کان جلد لاڳو ??رڻ جي ضرورت آهي، هن منشيات کي روڪڻ بابت وئ??س چانسلرز ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين پاران جوڙيل پاليسين کي به ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان تعليمي ادارن ۾ منشيات کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.