دوشنبي – 16 ̵1; س??پٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن جي اڪنامڪ ويزن تحت اسان سي پيڪ کي وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، افغانست??ن جي معاملي کان پهرين به اسان وچ ايشيائي رياستن تي ان باري ۾ زور ڏيندا رهيا آهيون. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان سان ٽرانس مزار شريف ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ منصوبي تحت اسان گوادر کان ڪراچي کي مزار شريف جي رستي پهرئين ئي تاشقند ۽ ان کانپوءِ دوشنبي ۽ قازقستان سان ملائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سمورين وچ ايشيائي رياستن ان منصوبي تحت ٽرين ۽ رستي سان ڳنڍجي وينديون ۽ پورو منظر نامو بدلجي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته افغانستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، قازقست??ن جي صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ به افغانست??ن جي صورتحال تي ڳا??هه ٻو??هه ٿي، وزيراعظم جو چ??ڻ هو ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو يا مڪمل نقصان ڏانهن، هن چيو ته عالمي دنيا افغانستان ۾ طالبان عملدارن سان ايگريمينٽ ڪري هلي ٿي ??ه ان ۾ افغانستان ۽ دنيا جو فائدو ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان افغانستان کي موجوده صورتحال ۾ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا.