اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت ۾ عورتن جي شموليت يقيني بڻائڻ سان مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اضافو ٿيندو، دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏئي انهن کي بااخ??يا?? بڻايو، عورتن کي بااخ??يا?? بڻائڻ لاءِ عورت پارليامينٽ ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران مالي شموليت (فنانشنل انڪليوزن) ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافي لاءِ ”هڪجهڙي بئنڪنگ پاليسي“ جي رونمائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ صدر جي گهرواريءَ ثمينه علوي، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، وفاقي وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ڊاڪٽر سيمه ڪامل، مختلف بئنڪن جا سربراهه ۽ سي اي اوز، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ بئنڪن ۽ مالي ادارن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عورتن کي مالي طور تي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ انهن کي بااخ??يا?? نٿو بڻائي سگهجي. دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏئي انهن کي بااخ??يا?? بڻايو ۽ سوره نساءَ ۾ عورتن جي وراثت ۽ حقن جو تعين ??يو ويو، انگلينڊ ۾ 20 هين صدي تائين عورتن کي وراثتي ۽ مالي حق نه مليا هئا، صدر چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ ترجيحن جو نئين سري سان تعين ٿي رهيو آهي، جيئن جيئن عورتون بااخ??يا?? ٿينديون انهن جو استحصال نه ٿي سگهندو، صدر چيو ته جديد ??ور جي گهرجن موجب اسان کي پنهنجي معاشري کي سمجهندي ان موجب قدم کڻڻا پوندا. صدر عورتن کي بااخ??يا?? بڻائڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ان حوالي سان مختلف قدم کڻي رهي آهي، عورتن کي بااخ??يا?? بڻائڻ لاءِ عورت پارليامينٽ ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه خوشي واري آهي ته عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان تازن ڏينهن ۾ ڪيترائي اهم قدم کنيا ويا آهن، صدر بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ تازي فيصلي جي تعريف ڪئي، جنهن ۾ عدالت قرار ڏنو آهي ته جيستائين ڪنهن عورت جي نالي وراثت منتقل نه ٿيندي ان وقت تائين اها جائيداد ڪنهن کي بخشي ۽ تحفي ۾ نٿي ڏئي سگهجي، صدر چيو ته عورتون حقيقي معنيٰ ۾ ان وقت بااخ??يا?? هونديون جڏهن پنهنجي مسئلن تي انهن کي اخ??يا?? هجي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيون بئنڪون 2023ع تائين عورتن جي بئنڪ اڪائو??ٽس جي تعداد ۾ اضافي جو جيڪو هدف مقرر ??يو آهي اهو خوش آئنده آهي، صدر تجويز پيش ڪئي ته جيڪڏهن احساس ڪيش پروگرام جي رقم عورتن جي رقم ۾ سڌو سنئون منتقل ڪئي وڃي ته ان سان عورتن جي بئنڪ اڪائو??ٽس هدف کان وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافو ٻه اهڙا وڏا عمل آهن جيڪي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اضافو جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته مالي شموليت جي عمل سان جيئن جيئن عورتون بااخ??يا?? ٿينديون معاشري ۾ بهتري ايندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيون بئنڪون عورتن لاءِ ننڍا قرض فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ انهن قرضن سان عورتن جو گهربل تعداد فائدو نٿو وٺي سگهي، ان حوالي سان عورتن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ضروري آهي. عورتن جي غير سرڪاري تنظيمن ۽ عورت پارليامينٽرين کي ان سلسلي ۾ پنهنجو فعال ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان سڀ گڏجي هڪ خوبصورت معاشرو جوڙي سگهون ٿا. بعد ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر مالي شموليت (فنانشل انڪليوزن) ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافي لاءِ ”هڪجهڙي بئنڪن پاليسي“ جا اهم نقطا واضح ڪيا ۽ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پوئتي پيل ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ مالي خدمتن جي فراهمي سان گڏوگڏ عورتن جي مالي شموليت ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.