اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اڪيلي افعانستان جي نئين حڪومت کي ??سل??م ڪرڻ جو فيصلو نه ڪندو، هن وقت ڪير به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته افغانستان ڪهڙي طرف ويندو، شنگهائي تعاون تنظيم ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٺوس حڪومت جي جوڙجڪ کانپوءِ افغانستان جي حڪومت کي ??سل??م ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو، افغان حڪومت کي يقيني بڻائڻو پوندو ته افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ سان افغانستان ۾ پائيدار امن ممڪن ٿيندو، افغانستان جي ڳوٺاڻي ماحول کي مذهب سان نه ڳنڍڻ گهرجي، افغانستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو س??ي خبر آهي، اميد آهي ته افغانستان ۾ طالبان عورتن جي تعليم جي اجازت ڏيندا، هن وقت ڪير ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته افغانستان ڪهڙي طرف ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي انٽرويو دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ اڃا تائين ٺوس حڪومت ناهي ٺهي سگهي جڏهن ته اڳڀرائي جي اميد آهي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ سان افغانستان ۾ پائيدار امن ممڪن ٿيند??. ه?? چيو ته اميد آهي ته افغانستان ۾ طالبان عورتن جي تعليم جي اجازت ڏيندا، طالبان جو چوڻ آهي ته اهي عورتن کي مرحليوار قومي ڌارا ۾ شامل ڪندا، اسلام ۾ عورتن جي حقن تي خاص زور ڏنو ويو آهي، افغان عورتون بهادر آهن، انهن کي وقت ڏنو وڃي اهي پنهنجا حق پاڻ حاصل ڪنديون. هن چيو ته افغانستان جي ڳوٺاڻي ماحول کي مذهب سان ڳنڍڻ نه گهرجي، هن وقت ڪير به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته افغانستان ڪهڙي طرف ويند??. ه?? چيو ته افغانستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو س??ي خبر آهي. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سمورن اڳواڻن فيصلو ڪيو ته ٺوس حڪومت جي جوڙجڪ کانپوءِ افغانستان کي ??سل??م ڪرڻ جو فيصلو ٿيند??. ه?? چيو ته پاڪستان اڪيلي افغانستان جي نئين حڪومت کي ??سل??م ڪرڻ جو فيصلو نه ڪندو، افغان حڪومت کي ??سل??م ڪرڻ کان اڳ طالبان کي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو، افغان حڪومت کي اهو به يقيني بڻائڻو پوندو ته افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي.