اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، هن شهيدن ??ي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر سوار محمد انتظار، سوار سلمان ۽ سوار ساجد حسين جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سوار محمد شيراز ۽ لانس دفعدار اشتياق حسين جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر عارف علوي نائب رسالدار عامر شڪ??ل ۽ سوار خرم شهزاد جي وارثن ??ي به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ??ي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن ج?? دعا ڪئي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي وارثن ??ي صبر جميل عطا فرمائي.