اسلا?? آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته طورخم ۽ چمن کان علاوه افغانستان ??ان سلهاڙيل باقي 5 سرحدن تي به آمدورفت جو جديد بايو ميٽرڪ نظام ۽ آن لائن ويزا شروع ڪئي ويندي ۽ هزارين ماڻهو پاڪستان ۾ ويزا وٺي آيا ۽ لاپتا ٿي ويا، اهي مهلت مان فائدو کڻندا نه ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ملڪي سلامتي جي محافظ ادارن تي تنقيد ڪندڙ اقتدار جي بُکايلن کي ڪجهه هٿ نه ايندو، هو پنهنجو ئي نقصان ڪندا. نواز شريف جي سياست ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي ??ان ڳالهين جي ڪا خبر ناهي، مفاهمت ??ان معاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا.
اهڙو اظهار هن نيشنل ايڪشن پلان جي جائزه اجلاس بعد صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته افغانستان لاءِ آن لائن ويزا جاري ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پرمٽ ۽ ٻين جي حوالي ??ان شڪايتون 10 ڏينهن ۾ حل ڪيون وينديون، آن لائن انٽري ۽ آن ارائيول ويزا جو نظام افغانستان ??ان سلهاڙيل سمورين سرحدن تي شروع ڪيون ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجو نالو اِي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي درخواست ڏئي يا عدالت ذريعي رجوع ڪري، ا??ان سندس ڪيس جو جائزو وٺنداسين. مريم نواز طرفان ملڪي ادارن تي تنقيد جي حوالي ??ان سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته پاڪ فوج ۽ ادارا ملڪي سلامتيءَ جا ضامن آهن، انهن تي تنقيد ??ان اقتدار کي بُکايلن کي ڪجهه هٿ نه ايندو هو پنهنجو ئي نقصان ڪندا.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته پهريان هتي ڪو رڪارڊ نه هو ته سرحدن تي ڪيئن آمدورفت ٿي رهي آهي، هزارين ماڻهو ويزا وٺي آيا ۽ لاپتا ٿي ويا، ا??ان کين ايمنسٽي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون ته اهي درخواست ڏين ۽ ملڪ مان نڪري وڃن نه ته سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي چڪي آهي جيڪڏهن وطن واپس اچڻ چاهي ته هو درخواست ڏي، 24 ڪلاڪن ۾ پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز جي تحقيقات جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالعدم ٽي ٽي پي ??ان ڳالهين جي حوالي ??ان گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته مون کي معلومات ناهي، ٽي ٽي پي ۾ ري گروپ??گ ٿي رهي آهي، 3 کان 4 گروپ شامل ٿيا آهن، ا??ان مفاهمت چاهيون ٿا پر هر قسم جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته افغانستان جي انساني بنياد تي مدد ڪرڻ ا??ان جو فرض آهي، سندن تڪليف ا??ان جي تڪليف آهي پر انهن کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو دنيا ??ان گڏجي ڪنداسين، ا??ان کي نورستان ڪنڙ سميت هر هنڌ جي خبر آهي، ا??ان مفاهمت جا قائل آهيون پر م??ڪ جي سلامتيءَ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، خطي ۾ 20 سالن بعد وڏي تبديلي آئي آهي، دشمن ا??ان جي سرحدن تي ڏڦيڙ ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڊالرز جي هولڊنگ تي نظر رکيل آهي، عام ماڻهوءَ کي رليف ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان تمام وڏي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جلد عام واهپي وارين شين ۽ دوائن کي سستو ڪيو ويندو.