ڪوئيٽا – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته قومي ??ڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ رجسٽريشن بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ نادرا ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي، بلوچستان ۾ عورتن کي قومي ??ڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي حوالي سان مشڪلاتن جو ازالو ڪيو پيو و??ي ۽ عورت اسٽاف تي ٻڌل خصوصي موبائيل ٽيمن سان گڏوگڏ مقامي ??فيسن ۾ پڻ عورت اسٽاف جي مقرري کي يقيني بڻايو پيو و??ي. اها ڳالهه هن نادرا ڊبل روڊ آفيس ۾ عورت اسٽاف تي ٻڌل پهرين موبائيل رجسٽريشن وهيڪل جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناد??ا بلوچستان جو ڊائريڪٽر جنرل مير عالم خان، هلال احمر بلوچستان جو چيئرمين عبدالباري بڙيچ، پي ٽي آءِ بلوچستان عورت ونگ جي صدر زليخه مندوخيل، پي ٽي آءِ بلوچستان جو سيڪريٽري اطلاعات آصف ترين ۽ ٻيا پارٽي عهدي??ار ۽ نادرا عمل??ار پڻ موجود هئا. قومي ??سيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته احساس پروگرام سميت تصديق ٿيل ڊيٽا مئنيجمينٽ ۾ نادرا جي خدمتن جو اعتراف عالمي ??طح تي ڪيو ويو آهي، نادرا وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب عوام کي جديد سهولتن جي فراهمي ??ي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.