ملتان – 07 ??نو??ي (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ افغان سرحد خار??ار تار لڳائڻ تي ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون، شهادتون به ٿيون پر اها خار??ار تار ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مدد??ار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته وڏي عرصي کانپوءِ افغانستان جي معاملي تي مسلمان امت کي گڏ ڪيو جنهن جو مقصد افغان عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو به حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ چاهي ٿو شوق سان ه??ائي اسان کي ڪو به خطرو نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ملتان ۾ ترقياتي منصوبن کي جلد پچاڻي تائين پهچايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صحت ڪارڊ سان عوام کي طبي سهولتون بنا فرق جي فراهم ڪيون وينديون.