اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن انساني المئي کان بچڻ ??اء?? افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي حوالي سان ايپڪس ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امداد ??اء?? گڏيل قومن جي اپيل جي آجيان ڪئي، ايپڪس ڪميٽي افغانستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغان عوام کي اڪيو نه ڇڏيندو. ايپڪس ڪميٽي اقتصادي طور تي تباهه ٿيل افغانستان ۾ انساني جانين کي بچائڻ ۽ مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغانين جي مدد ??اء?? عالمي برادري ۽ امدادي ادارن کان هڪ دفعو ٻيهر مدد جي اپيل ڪئي،
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته افغانستان ۾ انساني الميي کان بچاءُ ??اء?? دوست ملڪن سان ٻط??في لاڳاپن جون راهون ڳوليو ته جيئن افغانستان ۾ طب، آءِ ٽي، فنانس ۽ اڪائونٽنگ جي شعبن ۾ تربيت يافته افرادي قوت موڪلي سگهجي. هن افغانستان جي بحالي ۽ ترقي ۾ مدد ??اء?? ريلويز، معدنيات، دائون ٺاهڻ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي به هدايت ڪئي، ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي افغانستان ??اء?? 5 ارب روپين جي امداد تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سميت غذائي جنسن، هنگامي طبي سامان، سردي کان بچاءُ ??اء?? پناهگاهون ۽ ٻيو سامان شامل آهي، ايپڪس ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته افغانستان شديد سردي جي موسم دوران بک ۽ انساني الميي جي صورتحال پيدا ٿيڻ جي ويجهو پهچي چُڪو آهي، ان صورتحال ۾ عوام ??اء?? خوراڪ ۽ پناهگاهن کي حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.
ڪميٽي افغان عوام سان گڏ بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي امدادي ادارن تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي مدد ??اء?? فوري حرڪت ۾ اچي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار موجود هئا.