اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، آن لائين ايجوڪيشن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فروغ جڏهن ته سوشل ميڊيا ٽولز جي مثبت استعمال جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجاي کي جهڙي رفتار سان اختي??ر ڪندو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، مصنوعي ذهانت چوٿين صنعتي انقلاب جي بنياد ۽ قومن جي ترقي جو مستقبل آهي، پاڪستان ۾ ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي گيپ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هوندي، پاڪستان هنرمندن جي ٻاهرين م??ڪ گهرج تمام گهڻي آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين کي ورچوئل تعليم جي ذريعي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي، سائبر حملن جي تدارڪ لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊيا بئنڪ ڪانفرنس جي قومي سطح جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي گيپ تمام گهڻو آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان جي ڪري ئي ٽيڪنالاجي سستي هجڻ جي باوجود ان کي وقت سر اختيار نه ڪيو ويو، هن چيو ته آن لائين تعليم جي افاديت سڀني تي ظاهر آهي پر ڪورونا وبا جي دوران ان تي حقيقي معنيٰ ۾ ڌيان ڏنو ويو آهي، اهو واضح رهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي جهڙي رفتار سان اختي??ر ڪندو اهو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، ان شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري به گهربل ناهي ڇو ته دنيا ۾ اهڙا مثال موجود آهن ته وڏين م??ٽي نيشنل ڪمپنين جي ابتڙ ننڍيون ڪمپنيون وڌيڪ ڪامياب رهيون آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ مخصوص سببن ۽ مسئلن جي ڪري ترقي نه ٿي سگهي تنهن هوندي به ان جي صلاحيت موجود آهي، ان م??صد لاءِ ٽيڪنالاجي گيپ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هوندي. صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري علم هر ماڻهو جي پهچ ۾ آهي، ان نئين رجحان روايتي تعليمي نظام کي چئلينج ڪيو آهي، اڄ گهر ويهي تعليم، صحت، ڪاروبار سميت هر سهولت حاصل ڪرڻ ممڪن آهي، صدر چيو ته پاڪستان ۾ روايتي تعليم نظام جو گهربل انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري فڪري سرمايو ٻاهرين م??ڪ منتقل ٿيندو رهيو تنهن هوندي به انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري ماڻهن جي پهچ وڌي آهي، پاڪستاني هنرمندن جي ٻاهرين م??ڪ گهرج تمام گهڻي آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽن کي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو ورچوئل تعليم جي ذريعي ممڪن آهي، صدر چيو ته مستقبل ورچوئل ايجوڪيشن سان لاڳاپيل آهي جنهن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر سائبر سيڪيورٽي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سائبر وار جي طور تي پاڪستان ۾ روزاني سوين حملا ٿيندا آهن، انهن جي ازالي لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آهي، 2030ع تائين دنيا کي سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان 8 ڪروڙ ماهرن جي ضرورت ٿيندي، پاڪستان ان صورتحال ۾ مناسب تعليم ۽ تربيت جي ذريعي افرادي قوت مهيا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت چوٿين انقلاب جي بنياد ۽ قومن جي ترقي جو مستقبل آهي، جنهن قوم پنهنجي مستقبل کي سڃاڻي ورتو ان جي ترقي جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ نٿي اچي سگهي، هن چيو ته سوشل ميڊيا جي استعمال جا مثبت ۽ منفي ٻئي رخ آهن، اسان جي نوجوانن کي ان ڳالهه کي سمجهڻو پوندو ته ڪو??يون خبرون معاشري لاءِ نقصانڪار آهن. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن، اهو شعبو تيز رفتار ترقي جا موقعا فراهم ڪندو آهي.پاڪستاني نوجوانن کي انهن م??قعن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڻ کي تي??ر ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ ۽ ايسپائر پاڪستان جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، ان کان اڳ سر سيد يونيورسٽي جي چانسلر جاويد انور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جو قيام صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سرپرستي ۽ حوصلا افزائي سان م??ڪن ٿيو آهي، هن پاڪستان انوويٽس ڪانفرنس جي حوالي سان ٻڌايو ته ان م??ابلي ۾ پوري پاڪستان کان تخليق ڪارن حصو ورتو، ان قدم سان اسٽارٽ اپ و??نچ?? ڪيپٽسٽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿي آهي، هن چيو ته هاڻي نوجوانن کي پنهنجي تخليق لاءِ گهربل مالي وسيلن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ان م??قعي تي صدر ڪامياب ٿيندڙ هوشيار نوجوانن ۾ انعام به ورهايا، ان کانپوءِ صدر ان م??قعي تي لڳايل مختلف اسٽالن جو به دورو ڪيو.