فيصل آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گوجرانوالا ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد فيض الحسن شاهه، حاجي امتياز احمد چوڌري، چوڌري شوڪت علي ڀٽي ۽ وجيهه اڪرم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سليم سرور جوڙا، ميان محمد اختر حيات، چوڌري ??ياقت علي، محمد ارشد چوڌري، محمد اخلاق، محمد طارق تارڙ، گلريز افضل گوندل ۽ محمد احمد چٽه به شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ لاڳاپيل تڪن جي سياسي معاملن ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تڪن ?? عوامي رابطا مهم تيز ڪن ?? عوام جي مسئلن جي جلد کان جلد حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان گڏجي ڪم ڪن، وزيراعظم کين ايندڙ بلدياتي چونڊ?? ۾ ??اميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.