اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان سيمينار ٿيو. سينيٽر مشاهد حسين سيد سيمينار ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. سيمينار کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪليم عباسي، جسٽس علي نواز چوهاڻ، ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اعزاز احمد چوڌري، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جي ڊائريڪٽر انڊيا اسٽڊي سينٽر ڊاڪٽر ارشد علي، ڪشميري دانشور ڊاڪٽر وليد رسول ۽ ٻين مقررين خ??اب ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اعزاز احمد چوڌري خ??اب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام 1931ع کان قربانيون ڏئي رهيا آهن، 3 سال اڳ والاريل ڪشمير جي سڃاڻپ تي حملو ٿيو ۽ ڀا??ت هاڻي والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي جو تناسب تبديل ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکندو. ڊاڪٽر ارشد علي سيمينار کي خ??اب ڪندي چيو ته ڀا??ت جا هڪطرفا قدم عالمي قانونن، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ شملا معاهدي جي خلاف ورزي آهي،ه?? چيو ته والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڀا??تي قابض فوج 640 ماڻهن کي شهيد ڪيو آهي جن مان 120 کي حراست دوران قتل ڪيو ويو جڏهن ته رياست جي مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاءِ 3 ملين ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن. سيمينار کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪليم عباسي خ??اب ڪندي چيو ته 5 آگسٽ 2019عڳ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڪشمير گڏيل قومن جي ايجنڊا تي تڪراري مسئلو آهي پر ڀا??ت اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ان جو اڻٽٽ انگ آهي، 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀا??ت والاريل ڪشمير ۾ ا??ڙا قانون لاڳو ڪيا آهن جن جو مقصد مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. گيمبيا جي اڳوڻي چيف جسٽس علي نواز چوهاڻ سيمينار کي خ??اب ڪندي چيو ته ڀا??ت ڪشمير جي ڊيموگرافي تبديل ڪري رهيو آهي، ڪنهن به تڪراري علائقي ۾ اهڙي ڪا به ڪارروائي ۽ ماڻهن تي ظلم جنگي ڏوهه آهي. ه?? چيو ته انهن معاملن کي گڏيل قوم ۽ ٻين عالمي قانوني فورمن تي کڻي وڃي سگهجي ٿو. سينيٽر مشاهد حسين سيد سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي خ??اب ڪندي چيو ته 5 آگھسٽ 2019ع جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي ابتڙ ۽ پاڪستان سان معاهدن تي حملو آهي. ه?? چيو ته ڀا??ت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ 50 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، پراپرٽي لاء به تبديل ڪيا ويا آهن. ه?? چيو ته ڀا??ت ان دوران ڪشمير جي معيشت کي 5.3 ارب ڊالر جو نقصان پهچايو آهي جڏهن ته ن جي نتيجي ۾ 5 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو. سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته ڀا??ت جو اصل هدف پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ آهي. ڪشميري دانشور اڪٽر وليد رسول چيو ته ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جو قدم غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني آهي. ه?? چيو ته ڀا??ت رياستي دهشتگردي سان والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن کي نه ٿو دٻائي سگهي. مقرري?? چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهندا، ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو ڪشمير تي هڪ جهڙو موقف آهي. 5 آگسٽ 2019ع جو ڀا??ت جي حڪمران ڀا??تيا جنتا پارٽي جو ڪشمير بابت آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ جو مقصد رياست ۾ بي جي پي کي اقتدار ۾ آڻڻ آهي.