اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سالگرهه مبارڪ، رڳو 75 سالا تاريخ ۾ تمام وڏي فخر جي قابل، تمام وڌي خوشي جي قابل، توهان جو عظيم ثقافتي ورثو، بي مثال ۽ خوش ذائقه خوراڪ ۽ قدرتي منظرن سان ڀرپور خطو فخر جوڳو آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪميشن پاران جاري پنهنجي خصوصي پ??غا?? ۾ هاءِ ڪمشنر چيو ته منهنجي لاءِ هتان جو سڀ کان قيمتي اثاثو پيار ۽ محبت ڪندڙ عوام آهي جيڪا سدائين مسڪرائيندي السلام عليڪم چوي ٿي. هن چيو ته آسٽريليا انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جن 1947ع ۾ پاڪستان کي تسليم ڪيو، اسان جي عوامي رابطن جي تاريخ 18 هين صدي تائين پکڙيل آهي جڏهن بلوچستان مان اٺن جا واپاري اسان جي ملڪ ۾ صحرائن تان سامان جي پهچ لاءِ انتهائي اهم هئا. هن چيو ته هن وقت اٽڪل هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني آسٽريليا کي پنهنجو ملڪ چون ٿا ۽ اهي اسان جي بين الثقافتي معاشرن ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ??هي?? آهن. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان هزارين پاڪستاني شاگردن جي ميزباني ڪري ??هي?? آهيون جيڪي اسان جي ع??يم شهرن ۽ عالمي معيار جي يونيورسٽين مان فائدو کڻي ??هي?? آهن. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته آئون توهان سڀني کي همت، اميد ۽ اعتماد جو پ??غا?? ڏيان ٿو، اچو گڏجي هڪ منظم طريقي سان پنهنجي وسيلن مان فائدو کڻي مسئلن کي دفن ڪري سگهون ته جيئن اسان جو شمار دنيا جي ع??يم قومن ۾ ڪيو وڃي.