لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب يونيورسٽي لائبريري جي اهتمام هيٺ انٽرن شپ ڪن??ڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران آزادي ۽ 14 آگسٽ جي موضوع تي پوسٽر نمائش منعقد ڪئي وئي. نمائش ۾ پنجاب يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف سرگوڌا جي لائبريري شعبي ۽ انفارميشن سائنس جي شاگردن جي لاءِ هڪ پراجيڪٽ اسائنمنٽ طور تي ڪيو ويو هو. ٻن ??هينن جي انٽرن شپ پروگرام جي دوران ٻنهي يونيورسٽين جي 70 شاگردن کي لائبريري جي روايتي ۽ ڊيجيٽل خدمتن بابت عملي تربيت فراهم ڪئي وئي. پروگرام کي خاص طور تي شاگردن جي آءِ ٽي جي بنيادي مهارتن کي وڌائڻ جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو هو يعني وي?? ڊيزائننگ ۽ ڊيجيٽل اوپيڪ جي تخليق سان گڏوگڏ انتظامي ۽ شخصي مهارتن کي متحرڪ ڪرڻ جنهن ۾ مواصلات، تنقيدي تجزيو، پيشڪش ۽ مطالعي جي عادت شامل آهي.