پشاور- 01 سي??ٽم??ر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو ??هي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي بحالي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پيسڪو عملدارن سان ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ متاثر بجلي جي ن??ام جي بحاليءَ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ??ه وزيراعظم جي هدايتن تي ٻوڏ سبب بجلي انفراسٽرڪچر کي پهتل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ هتي دؤرو ڪري رهيو ??هيان. اجلاس ۾ پيسڪو چيف محمد جباز خان، چيف ايگزيڪيوٽو، پيسڪو عملدارن کانسواءِ لوئر دير ضلعي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. پيسڪو عملدارن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ??ه پشاور سرڪل ۾ 4 فيڊرز متاث?? ٿيا، جنهن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ترناب، ابزئي ۽ـ گل بيله 2-1 مڪمل طور تي فعال آهي، پيسڪو عملدارن ٻُڌايو ??ه صوبي ۾ سوات سرڪل سڀ کان وڌيڪ متاث?? ٿيو جتي 3 گرڊ اسٽيشن مدين، مٽه ۽ منڊا کي ڪافي نقصان پهتو آهي جنهن سان بجلي جي رسد بند آهي. پيسڪو عملدار مطابق انهن گرڊز جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي ۽ 12 سي??ٽم?? تائين مڪمل ڪيو ويندو. پيسڪو عملدارن وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ??ه نوشهره ۽ـ چارسده ضلعي ۾ متاثر فيڊرز ۽ ٽرانسميشن لائنز جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. وفاقي وزير پيسڪو عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ??ه صوبي ۾ بجلي جي ن??ام جي بحاليءَ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ وزارت طرفان بحالي آپريشن جي نگرانيءَ لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري عالم زيب کي مقرر ڪيو ويو ??هي.