اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگه??ئي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي ثمرقند، ازبڪست??ن جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پار??ن جاري بيان مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪست??ن جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ شنگه??ئي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن کانسواءِ ايس سي او جي مختلف تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻين خاص مهمان شرڪت ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگه??ئي تعاون تنظيم جو سڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت عملي، امڪانن ۽ ترجيحن تي غور ۽ وضاحت ڪري ٿو. اجلاس ۾ مو??مياتي تبديلي، خوراڪ ۽ توان??ئي جي حفاظت ۽ پائ??دا?? سپل??ئي چين سان گڏوگڏ اهم عالمي ۽ علائق??ئي مسئلن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي پڻ منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگه??ئي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ اجلاس جي موقعي تي شنگه??ئي تعاون تنظيم جي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ شنگه??ئي تعاون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ پکڙيل هڪ وڏي علائق??ئي تنظيم آهي. شنگه??ئي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ مجموعي طور تي دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. شنگه??ئي تعاون تنظيم جو امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ انفراسٽرڪچر، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ايجنڊا خطي ۾ اقتصادي رابطن سان گڏوگڏ امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪست??ن جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگه??ئي تعاون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان ايس سي او جي مختلف ميڪانزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظيم جي بنيا??ي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.