اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته توان??ئي جي مقامي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٿر جو ڪوئلو اسان جي توان??ئي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو، اسان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي سان سستي بجلي پيدا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول جي پهچ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ريلوي واري سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت موجب پاڪستان ريلوي 23 مارچ 2023ع تائين ڇور کان اسلام ڪوٽ (ٿرپارڪر) 105 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ وڇ??ئي ٿر جو مقامي ڪوئلو سڄي ملڪ ۾ موجود بجلي گهرن، سيمنٽ ۽ سرهون ٺاهڻ جي ڪارخانن کي مهيا ڪري سگهندو. منصوبي جي مجموعي لاڳت 58 ارب رپيا آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي صوب??ئي حڪومت جو اڌواڌ حصو آهي. وزيراعظم منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته ٿرڪول مان ڪوئلي جي دستيابي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي طلب جو ڪاٿو لڳ??ئي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميٽي جي ٻين مي??برن ۾ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، ڊي جي ايف ڊبلي?? او، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، توان??ئي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود، سنڌ جي توان??ئي واري وزير امتياز احمد شيخ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.