اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي)آبي وسيلن واري وفاق?? وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن کي پنهنجي ??راردادن موجب استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي ??سمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو، ڪجهه عالمي طاقتون هڪ طرف امن امن جو نعرو لڳائينديون آهن ۽ ٻي طرف والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انسانيت لڄائيندڙ ظلمن تي اکيون بند ڪري وٺنديون آهن. 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي بيان ?? هن چيو ته جيستائين عالمي طاقتون ڪشمير معاملي تي پنهنجو ٻٽو معيار ترڪ نٿيون ڪن تيستائين خطي ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪشمير جي ??سئلي جو حل خطي جي خوشحالي ۽ امن لاءِ ضروري آهي ۽ ڀارت کي ڌنوس ۽ هٺ ڌرمي کي ترڪ ڪري ڪشمير جي ??سئلي جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. وفاق?? وزير چيو ته انساني حقن جي چيئمپين ملڪن جي ??نفافقاڻي رويي جي ڪري ڪشميري مسلمانن جي آزادي ۽ خودمختياري واري حق جو معاملو هن وقت تائين لٽڪيل آهي، وفاق?? وزير چيو ته اسان هر مشڪل ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اسان جون تاريخي ۽ بي مثال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته ڀارت ڄاڻي وٺي ته 75 سالن ۾ هر ايندڙ نسل ڀارت خلاف عل?? بغاوت بلند ڪيو آهي ۽ هو ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي ڪڏهن مات نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جو سج آخر ڪار اڀرندو.