بالي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزيرن گڏيل وزارتي ڪميشن قائم ڪرڻ بابت مفاهمت جي هڪ ياداشت تي صحيحون ڪيون جنهن جو مقصد ٻطرفن رابطن ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي انڊونيشين هم منصب ريتنو مارسودي بالي ۾ ملاقات دوران دستاويزن ت?? صحيحون ڪيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو، علائقائي ۽ عال??ي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري ??کڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??وسنيا هرزيگوينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوڪ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا، واپار ۽ ٻطرفي تعاون جي طريقيڪار جي ذريعي گڏيل تعاون ت?? خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. هنن انهن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي سگهه وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن جا ٺوس نتيجا نڪرندا.