اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان قومي سلامتي بابت اسرائيلي وزير جي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال انگيز قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسجد اقصيٰ هڪ ??قدس جڳهه آهي جنهن جو سڄي دنيا جا مسلمان احترام ڪن ٿا، ان جي تقدس جي خلاف ورزي مسلمانن جي مذهبي حساسيت کي مجروح ڪري ٿي ۽ والاريل فل??طيني علائقن ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ واري صورتحال کي هوا ڏي ٿي. هن چيو ته ??سرائيل کي گهرجي ته هو پنهنجا غيرقانوني قدم بند ڪري ۽ والاريل فل??طيني علائقن ۾ مسلمانن جي مذهبي جاين جي تقدس جو احترام ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان فل??طيني عوام جي جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو، پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ ??ابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فل??طيني رياست جنهن القدس الشريف گادي وارو شهر هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.