اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار?? سوئيٽزرلينڊ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ڏکڻ آف??يقا جي عالمي لاڳاپن ۽ تعاون جي وزير سان ملاقات ڪ??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ڊاڪٽر ناليڊي ??نڊور سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آف??يقا جي وچ ۾ هر سطح تي پراڻا مضبوط لاڳاپا قائم آهن. ڏکڻ آف??يقا جي پرڏيهي وزير سان گڏيل دلچسپي جي عالمي معاملن تي سٺي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻوڏ کانپوءِ ڏکڻ آف??يقا جي حمايت ۽ يڪجهتي جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان اسان جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو و??جا??ُ ڪيو.