اسلام آباد– 17 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي العربيه ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي حوالي سان وزيرا??ظم آفيس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيرا??ظم تسلسل سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجي ٻطرفن مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي مسئلو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيرا??ظم ڪيترائي ڀيرا رڪارڊ تي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه تڏهن ئي ٿي ??گه?? ٿي جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني قدم کي واپس نه ٿو وٺي، ان غيرقانوني قدم کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ممڪن نه آهي. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري وضاحتي بيان موجب ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته وزيرا??ظم پنهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري دوران العربيه نيوز چينل کي انٽرويو ??ين??ي اهو موقف بل??ل واضح ڪيو.