اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) ڀارتي جيل ۾ بند ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال حسين ملڪ مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ياسين ملڪ سميت جيلن ۾ بند حريت قيادت جي آزادي ۽ وا??اريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي انصاف جي عالمي عدالت سان رجوع ڪري. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ وا??اريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت ختم ۽ آبادي ۾ تبديلي تي نئين قرارداد ۽ ڪشمير جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي، دنيا جو امن ڪشمير جي پرامن حل سان واڳيل آهي، ڀارت جي اندر گهرو ويڙهه اچي رهي آهي، وڏي سيڙپڪاري به انهي گهرو ويڙهه جي ور چڙهي ويندي.
هو اطلاعات واري وزارت جي ذيلي اداري ڊا??ري??ٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) جي اهتمام هيٺ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ٿيندڙ هڪ ڏينهن واري ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ڊا??ري??ٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي ايگزيڪيوٽو ڊا??ري??ٽر جنرل طارق محمود، اي پي ايڇ سي اڳواڻ عبدالحميد لون، ڊا??ري??ٽر فلمز آصف رحمان، ڊپٽي ڊا??ري??ٽر فلمز اينڊ ايگزيبيشن فارينا مغل سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا عملدار تقريب ۾ شريڪ هئا. ڊي اي ايم پي جي ايگزيڪيوٽو ڊا??ري??ٽر جنرل طارق محمود نمائش بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڊا??ري??ٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميديا اينڊ پبليڪيشنز يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تيار ڪيل آزادي جي تحريڪ جي حوالي سان پينٽنگز مقابلن ۾ بهترين فن پارن کي اڄ نمائش جي لاءِ رکيو ويو آهي جڏهن ته ڊا??ري??ٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران تيار ڪيل ”ڪشمير بليڪ آئوٽ“ ۽ ”اسٽوري آف ڪشمير“ دستاويزي فلمن ۽ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ”ڪشمير اسان جو آهي“ جي عنوان سان نغمو جاري ڪيو ويو آهي، اهي به انهي نمائش جو حصو آهن. مشعال حسين ملڪ چيو ته اڄ جي هن نمائش ۾ آزادي جي تحريڪ کي بهترين انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، تصوير دنيا کي اصل حقيقت کان باخبر ڪري ٿي.
هن چيو ته وا??اريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قيادت جو منظر آهي، اسان کي پنهنجي نئين نسل کي ٻڌائڻو آهي ته ڀارت 75 سالن کان ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، وا??اريل ڪشمير ۾ مڪمل بليڪ آئوٽ آهي ڪير آهي ئي ڪو نه جيڪو ڀارت جي دهشتگردي کي روڪي. هن چيو ته گڏيل قومن کان مطالبو آهي ته يوڪرين سميت وڏن تڪرارن تي نوٽيس ورتا وڃن ٿا ۽ رپورٽن تي ايڪشن ٿئي ٿو پر ڪهڙو سبب آهي انهن کي ڀارت جي رياستي دهشتگردي نظر نه اچي رهي آهي. هن چيو ته وا??اريل ڪشمير ۾ حريت قيادت قيد ۾ بند آهي، حريت اڳواڻ علي گيلاني جي ميت جي بي حرمتي ڪئي وئي، ارشد سراهي کي جيل اندر زهر ڏنو ويو، آسيه اندرابي جيل ۾ بيمار آهي، شبير شاهه جا گهرڀاتي ڌڪا کائي رهيا آهن، ياسين ملڪ کي هڪ قبر ۾ رکيو ويو آهي، گذريل چئن سالن کان انهن کي ڊيڊ سيل ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته ياسين ملڪ کي وضوع جي لاءِ اٻرندڙ پاڻي ڏنو ويو جنهن جي ڪري سندس کاٻي ٻانهن سڙي وئي آهي. هن چيو ته ڀارت جيڪي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ان جو بنياد وا??اريل ڪشمير آهي. هن چيو ته ڀارت جنهن انداز سان وا??اريل ڪشمير جي جاگرافيائي تبديل ڪري ڇڏي آهي جيڪڏهن ڌيان نه ڏنو ويو ته هڪ سال ۾ وا??اريل ڪشمير مني ڀارت بڻجي ويندو. هن چيو ته وا??اريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ترين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڀارت جي دهشتگرد آرمي سان گڏوگڏ آر ايس ايس کي دنيا ۾ دهشتگرد تنظيم طور رجسٽرڊ ڪيو پيو وڃي.
مشعال حسين ملڪ چيو ته ڀارت جي اندر اقليتن سان ظلم ٿي رهيو آهي، گجرات بابت بي بي سي جي هڪ رپورٽ به سامهون آئي آهي، خبر نه آهي ڪڏهن انهن رپورٽن تي عمل ٿيندو. هن چيو ته وا??اريل ڪشمير جي اندر ڪئميرا مين، ريسرچ، انساني حقن جي علمبردارن ۽ ميڊيا هائوس تي پابنديون آهن، اهي پابنديون دنيا کي ڇو نظر نه اچي رهيون آهن. هن چيو ته 22 ڪروڙ پاڪستانين جو آواز ڪشميرين سان گڏ آهي، ان سان گڏوگڏ سمورين سياسي پارٽين ۽ سمورن طبقن کي چوان ٿي ته اهو مسلسل جهاد آهي، اسان کي ٿڪڻو ناهي، اهو فرض اسان کي ايمانداري سان نڀائڻو آهي. اي پي ايڇ سي جي اڳواڻ عبدالحميد لون چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٿورائتا آهيون جيڪي ڀارت جي مڪروهه چهري کي بي نقاب ڪندا رهيا آهن، پاڪستان ڪشميرين جي لازوال رشتي جي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڏهاڪن کان انهي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته وا??اريل ڪشمير جا ماڻهو اڄ هڪ عذاب ۽ تڪليف ۾ آهن، بليڪ آئوٽ کانپوءِ ڀارت اسان جي جاگرافيائي تي حملي آور ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي هڪ تڪرار جي حيثيت حاصل آهي، اهڙي ۾ ڀارت ڪيئن وا??اريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪري سگهي ٿو.