اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي شهرت يافته ناليواري هدايتڪار، صداڪار، اداڪار، ليکڪ ?? ميزبان ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين پنهنجي ذات ۾ هڪ فن پارو هو سندس مخصوص انداز پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي. افسوس آهي ته ڪيترين ئي خوبصورت خوبين جو مالڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين پاڪستان ۾ ٽيليويزن هوسٽنگ کي هڪ نئين رخ کان روشناس ڪرايو ۽ عالمي سطح تي اداڪاري ذريعي پاڪستان جو نالو ٻاهرئين ملڪ روشن ڪيو. نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي صدر طور هن نئين ايندڙ فنڪارن جي تربيت ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. ضياءَ محي الدين جو آواز اسان جي ذهن ۾ گونجندو رهندو. وزيراعظم چيو ته ان جي صلاحيتن ۽ ان جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.