اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت سڄي دنيا جي عورتن کي انهن جي عالمي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عورتن جو عالمي ڏينهن عالمي سطح تي عورتن جي معا??ري ۾ اهم ڪردار کي سڃاڻڻ ۽ انساني تهذيب جي ارتقاءَ ۾ انهن جي خدمتن جي اعتراف جو ڏينهن آهي، تاريخ گواهه آهي ته انساني معا??ري جي ترقي عورتن جي تعميري ڪردار کانسواءِ ممڪن نه هئي، اسان جي حڪومت کي جڏهن به موقعو مليو، عورتن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا، تعليمي سهولتون ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، عورتن کي منصفاڻي حقن جي فراهمي ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ نه رڳو قانون ٺاهيا پر انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيرا??ظم چيو ته عورت پنهنجي هر روپ ۾ معا??ري جي هڪ ڪارائتي شخص جي طور تي پنهنجو ڪردار دا ڪري ٿي، خدائي صفتون رکندڙ ماءُ هڪ انسان کي ڪيترن ئي مهينن تائين پنهنجي ڪُک ۾ رکي جنم ڏي ٿي ۽ ان جي پرورش ڪري ٿي، عورت جڏهن ڀيڻ جو روپ ڌاري ٿي ته اها انسان کي معا??ري ۾ ٻين جي عزت ڪرڻ سيکاري ٿي ۽ جڏهن رحمت بڻجي ڌيءَ جي روپ ۾ انسان جي اڱڻ کي رونق بخشي ٿي ته ان کي معا??ري جو ??ڪ ذميوار شخص بڻائي ٿي. هن چيو ته اسان جي دين اسلام عورتن کي اڄ کان 14 سئو سال اڳ برابري جا حق ڏنا، ماءُ جي پيرن هيٺان جنت ۽ ڌيءَ کي گهر جي رحمت قرار ڏنو، اسلام عورتن جي وقار کي هيٺ ڪرڻ کانسواءِ انهن کي زندگي جي هر شعبي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. وزيرا??ظم چيو ته موجوده انساني معاشرو عورتن جي هر شعبي ۾ خدمتن جي مثالن سان ڀريو پيو آهي، ايڪيهين صدي جي دنيا ۾ عورتون مردن سان گڏ انساني تهذيب جي ترقي ۾ مصروف عمل آهن، اڄ ڪنهن به شعبي کي کڻي ڏسو، توهان کي عورتون پنهنجي گهريلو ذميوارين جي احسن طريقي سان سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ هر شعبي ۾ قائداڻي ڪردار ۾ نظر اينديون جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چيو ته تحريڪ پاڪستان ۾ فاطمه جناح هجي يا بيگم رعنا لياقت علي خان، محترمه بينظير ڀٽو شهيد هجي يا ملالا يوسفزئي، عورتن جو ??اڪستان جي ترقي ۽ ارتقاءَ ۾ مرڪزي ڪردار ڪنهن قيمت تي وساري نه ٿو سگهجي، پاڪستان حڪومت عورتن کي انهن جي منصفاڻي حقن جي فراهمي جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان جي اٽڪل اڌ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، ان حقيقت جي ڏس ۾ جڏهن به مون کي موقعو مليو مون عورتن کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا، تعليمي سهولتون ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، عورتن کي منصفاڻي حقن جي فراهمي ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ نه رڳو قانون ٺاهيا پر انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا، انهن قدمن ۾ عورتن کي وراثت ۾ حصي جو ??انون، ٻارڙين جي تعليم جي لاءِ زيور تعليم اسڪالرشپ، پنجاب انڊومنٽ فنڊ ۾ انهن جو خصوصي حصو، ليپ ٽاپس جي فراهمي، ميرٽ تي ڀارتيون شامل آهن، ان جو ??ثال تازو ئي جاري ڪيل وزيرا??ظم يوٿ لون اسڪيم پروگرام آهي جنهن ۾ 25 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رکي وئي آهي. هن چيو ته اڄ الحمدالله قوم جون اهي باصلاحيت ڌيئرون، مائرون ۽ ڀينرون باوقار طريقي سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ مصروف عمل آهن. هن چيو ته عورتن کي وڌيڪ بااختيار، انهن جي تحفظ ۽ منصفاڻي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پوري معا??ري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ان ۾ سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ حڪومت سڀني کي تعاون سان نه رڳو عورتن جي حقن ۽ انهن جي تحفظ جو ??چن ڪرڻو پوندو پر ان حوالي سان آگاهي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻو پوندو. هن چيو ته منهنجو ??نهنجي ملڪ جي باصلاحيت عورتن سان اڄ جي ڏينهن جي لحاظ سان اهو واعدو آهي ته اسان جي حڪومت عورتن جي منصفاڻي حقن، انهن جي تحفظ ۽ انهن کي هڪ جهڙي تعليم ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي ره??دي?? توهان ملڪ ۽ قوم جو ??خر آهيو ۽ پاڪستان کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي لاءِ توهان جي صلاحيتن ۽ خدمتن جي ضرورت آهي.